تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

چوري ڇو ڪئي اٿئي، ٻڌاءِ نه ته پوليس کي گهرايان ٿو: ٺل ۾ دڪاندار طرفان معصوم ٻار کي داٻا، وڊيو وائرل

ٺل (ن پ ا) چوري ڇو ڪئي اٿئي، ٻڌاءِ نه ته پوليس کي گهرايان ٿو، ٺل ۾ دڪاندار طرفان مبينا چوري جي الزام ۾ معصوم ٻارڙي کي داٻا ڏيڻ واري وڊيو منظرعام تي اچي وئي، دڪاندار جي داٻن سبب ٻارڙو هِيسجـِي ويو، پوليس معصوم ٻارڙي جي والد کي چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو، پوليس چيو آهي ته چوڪيدار عبدالرزاق کوسو پنهنجي ننڍڙي پُٽ کي دڪان ۾ چوري ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، ٻار پئسا ۽ موبائيل چوري ڪري کڻي وڃي رهيو هو ته دڪاندار پهچي ويو، وڊيو ۾ نظر اچي رهيو آهي ته ٻارڙي جي کيسي ۾ موبائيل نه هو.

Bookmark the permalink.