تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

چمبڙ ۾ آپگهات جا ڌار ڌار واقعا: نوجوان ۽ ناري زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو

چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ۾ آپگهات جا ڌار ڌار واقعا: نوجوان ۽ ناري زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو. چمبڙ ٿاڻي جي حد ۾ مري زرعي فارم تي نوجوان ڏايو ڪولهي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي ڇڏيو، جڏهن ته سنجر چانگ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ نذير هاليپوٽو ۾ 20 ورهين جي ناري شريمتي پارشو زال سانوڻ ڪولهي انب جي وڻ سان پاڻ کي ٽنگي ڦاهو کائي ڇڏيو. پوليس نوجوان ۽ ناري جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. آپگهات جي ڌار ڌار واقعن ۾ نوجوان ۽ ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي معمولي ڳالهه تي گهرو اڻبڻت تان خودڪشي ڪئي آهي.



Bookmark the permalink.