تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

چمبڙ ڀرسان ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، نوجوان فوت، 7 ڄڻا زخمي

چمبر (ن پ ا) چمبڙ ڀرسان ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، نوجوان فوت، 7 ڄڻا زخمي، چمبڙ ٽنڊوالھيار روڊ اڇي مسجد وٽ تيز رفتار ڪار کي ٽاالر ٽڪر هنيو، ڳوٺ ماڻڪ لنجواڻي جو راھوسي ڪار ڊارئيور 35 ورھين جو فتح علي لنجواڻي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏھن چار ٻارن سوڌو 7 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شريمتي جانبو زال ڏيو ڪولھي، شريمتي ٻاند زال دوڌو ڪولھي، شريمتي رام ٻائي زال نارو ڪولھي، سونيه، ڌيوي، عاشا شامل آهن، فوتي زخمين کي فور طور تي ٽنڊوالھيار جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي تي چمبڙ جي ڳوٺ ماڻڪ لنجواڻي کان ڪار ۾ سوار ڪولھي برادري سان تعلق رکندڙ ھڪ ئي ڪنٽب جا گھر ڀاتي شادي تقريب ۾ وڃي رھئا ھئا ته روڊ حادثو پيش آيو.

Bookmark the permalink.