تازا ترين
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بيروزگاري ۽ ٻين مسئلن سبب ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻن آپگهات ڪري زندگين جو انت آڻي ڇڏيو

چمبڙ جي ڳوٺ ڪرم رند ۾ٻن سڳن ڀائرن چندر ۽ جامن آپگهات ڪيو

ڪڙيو گهنور ۽ نوشهروفيروز ۾ ٻن نوجوانن آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهايو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بيروزگاري ۽ ٻين مسئلن سبب ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻن آپگهات ڪري زندگين جو انت آڻي ڇڏيو. چمبڙ ڀرسان ڳوٺ ڪرم رند ۾ ٻن ڀائرن چندر ۽ جامن ڪولهي جا گهر مان مبينا ڦاهو ڏنل لاش مليا. اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. ڪڙيو گهنور ۾نوجوان علي چانيو پنهنجي والد کان ناراض ٿي ڪري پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. نوشهروفيروز جي سومرا پاڙي ۾نوجوان حاجن سومرو شادي نه ڪرائڻ تان ننڊ جون گوريون کائي زندگي جو انت آندو. مٺي ۾باءِ پاس ڀرسان 23 ورهين جي نوجوان درزي رشي ڪمار جو وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته نوجوان گهر ڀاتين کان ناراض ٿي آپگهات ڪيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش استپال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو. ٿر جي ڳوٺ جڙهيار ۾ گهرو اڻبڻت تان پرڻيل ناري گهر اندر ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.