تازا ترين
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

چمبڙ ويجهو سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مامري تان جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا 17 ڄڻا زخمي: اسپتال منتقل

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جهيڙي تي ضابطو آڻي زخمين کي اسپتال ريفر ڪيو

جهيڙي دوران 11 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري حيدرآباد اسپتال منتقل

چمبڙ (ن پ ا)ڳوٺ وريام سولنگي ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مامري تان جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ سرفراز، رمضان، خان محمد ، عرفان ، نورو ، ارباب ، پانڌي سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻني ڌرين جي زخمين کي چمبڙ اسپتال منتقل ڪيو. زخمين ۾ 11 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.