تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

چمبڙ ويجهو باهه، 35 گهر سڙي رک، 8 ورهين جو نينگر اجل جو شڪار، متاثر ڪٽنب کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل

ڳوٺ سائيداد ڊيشڪ۾ باهه لڳي،فائربرگيڊ عملو ٽن ڪلاڪن کانپوءِ پهتو،متاثرن پاران واهر جي اپيل

چمبڙ ويجهو باهه، 35 گهر سڙي رک، 8 ورهين جو نينگر اجل جو شڪار

چمبڙ(ن پ ا) چمبڙ ويجهو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 35 گهر سڙي ويا، هڪ نينگر به اجل جو شڪار، ڳوٺ سائيداد ڊيشڪ ۾ اوچتو باهه لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 ڪکانوان گهر سڙي رک ۾ تبديل ٿي ويا، باهه دوران 8 ورهين جو ٻارڙو چيترو ڪولهي به سڙي فوت ٿي ويو، ان کانسواءِ گهرن ۾ پيل 500 مڻ اناج ۽ ٻيون قيمتي سامان به سڙي رک ٿي ويو، اطلاع باوجود فائربرگيڊ جي گاڏي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ پهتي، تيستائين باهه 35 گهر ساڙي ڇڏيا، واقعي ۾ نينگر سڙي فوت ٿيڻ بعد سوڳ پکڙجي ويو ۽ متاثر ڪٽنب کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، هنن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي سندن واهر ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.