تازا ترين
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

چئن سالن کانپوءِ ليڊي گاگا پنهنجو ڇهون البم رليز ڪري ڇڏيو

ڳائڻي گذريل سال نئون البم رليز ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو پر ڪورونا سبب رليز نه ٿي سگهيو

ڳائڻي ڊگهي وقت کانپوءِ پنهنجو ڇهون البم “ڪرو ماٽيڪا” رليز ڪري ڇڏيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) جڳ مشهور آمريڪي پاپ ڳائڻي 34 سالن جي ليڊي گاگا ڊگهي انتظار کانپوءِ نيٺ پنهنجو نئون ميوزڪ البم رليز ڪري ڇڏيو. ليڊي گاگا گذريل سال ميوزڪ البم جي حوالي سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون هيون پر هن هلندڙ سال تصديق ڪئي هئي ته هو اپريل 2020ع ۾ ننڍو ميوزڪ البم رليز ڪندي پوءِ ڪورونا وائرس سبب البم جي رليز ملتوي ڪئي وئي هئي جڏهن ته هاڻي هن ڊگهي انتظار کانپوءِ ڇهون ميوزڪ البم “ڪرو ماٽيڪا” گذريل ڏينهن رليز ڪري ڇڏيو آهي. هن پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ نئين البم جا گانا رليز ڪندي مداحن کي خوشخبري ڏني جڏهن ته هن پنهنجي آفيشل ويب سائيٽ تي به البم رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ليڊي گاگا هيل تائين 6 آڊيو ميوزڪ البم رليز ڪيا آهن جڏهن ته هو 2 ريمڪس ميوزڪ البم رليز ڪرڻ سميت 3 وڊيو البمز به رليز ڪري چڪي آهي. هن ڪيترائي سنگل گانا به جاري ڪيا آهن.

Bookmark the permalink.