تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڄام نواز علي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

ڄام نواز علي (ن پ ا) نئون آباد ٿاڻي جي حد راديڪا ڪاٽن فيڪٽري ڀرسان ٻن موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب ٽي ڄڻا خالد، منظور مري، سروڻ ڀيل زخمي ٿي پيا، روڊ تي پيل زخمين مٿان مزدا چڙهي وئي، زخمين کي فوري طور نئون آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن ٽنهي ڄڻن کي فسٽ ايڊ ڏئي حيدرآباد ريفر ڪيو. جڏهن ته منظور مري جي ڳڻتي جوڳي حالت ٻڌائي پئي وڃي اطلاع ته پ پ تعلقي ڄام نواز علي صدر ڄام ظهير علي اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي کين هر طرح جي مدد جي خاطري ڪرائي. زخمين کي اسپتال جي ڊاڪٽرن فسٽ ايڊ ڏيڻ بعد پ پ تعلقي صدر ڄام ظهير علي زخمين کي حيدر آباد کڻائي علاج لاءِ موڪليو واقعي واري هنڌ مزدا ڊرائيورگاڏي سميت فرار ٿي ويو.

Bookmark the permalink.