تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڄام نواز علي ۾ موٽرسائيڪل چنگچي رڪشا سان ٽڪرائجي وئي، هڪ ڄڻو زخمي

ڄام نوازعلي (ن پ ا) نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ دمبو ٻٻر وٽ ڄام نوازعلي/ڪنڊياري مين روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل چنگچي رڪشا سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب هڪ ڄڻو چندو ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي نئون آباد جي پ پ اڳواڻ ڪامريڊ رمضان مهر ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي اسپتال پهچايو، جتي اطلاع تي نئون آباد پوليس پهچي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ڄام نوازعلي کڻائي آئي، جتي ڊاڪٽرن فرسٽ ايڊ ڏئي حيدرآباد ريفر ڪيو. اسپتال مان کيس وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدر آباد کڻائي ويا. پوليس چڱچي رڪشا کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي کڻائي آئي.

Bookmark the permalink.