تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

ڄام صاحب ۾ لاڪ ڊائون سبب پورهيتن سان گڏ فنڪار به متاثر، فاقاڪشي ۾ مبتلا

لاڪ ڊائون سبب شاديون۽محفلون بندھئڻ سبب متاثرآهيون،فاقاڪشي واري زندگي گذاريون پيا:فنڪار

ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ڪورونا وائرس سبب ٿيل لاڪ ڊائون ڪري غريب مزدورن سان گڏ فنڪار به بي روزگار ٿي ويا. فنڪار ھن وقت فاقاڪشي واري زندگي گذاري رھيا آھن، سندن ڪنھن به سار ناھي لڌي . جڏھن ته فنڪارن فقير عبدالقادر سولنگي، چنيسر ڀيل، فدا حسين مڱڻھار ۽ ڌنو ڀيل ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته لاڪ ڊائون ھئڻ ڪري اسان سخت پريشان آھيون شاديون ۽ محفلون بند ھئڻ ڪري اسان جو گذر نه ھئڻ ڪري ھاڻي اسان فاقاڪشي واري زندگي گذاري رھيا آھيون ۽ گھرن جي مسواڙ به نه ٿا ڏئي سگھون ۽ ڪوبه دڪاندار اسان کي سامان نه ٿو ڏي ۽ ھن وقت راڳ سميت مزدوريون پڻ بند آھن، ڌنو ڀيل ٻڌايو ته مان ھڪ ھٿ کان معذور آھيان راڳ ڳائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آھيان. محفلون بند ھئڻ ڪري تمام گھڻي تڪليفن کي منھن ڏيئي رھيو آھيان ۽ اسان فنڪارن جي ڪنھن به سار ناھي لڌي اسان ثقافت کاتي سنڌ ۽ سرندي وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته خدارا اسان غريب فنڪارن مدد ڪري اسان کي فاقا ڪشي واري زندگي کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.