تازا ترين
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڄامشورو ۾ پوليس جي ظلمن سبب صدمي فوت ٿيل نوجوان جي وارثن جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو

ڄامشورو (رپورٽر) پوليس جي ظلم سبب صدمي ۾ فوت ٿيل علي شير ڀلائي جي وارثن جو لاش روڊ تي رکي ڄامشورو پوليس خلاف ڌرڻو هنيو ويو. فوتي جي وارثن پوليس تي الزام لڳائيندي چيو ته ته ايس ايڇ او ڄامشورو قربان قمبراڻي ۽ اي ايس آءِ لال بخش شاهاڻي سندن نوجوان تي جوا جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڌمڪايو جنهن سبب صدمي ۾ فوت ٿي ويو. هنن چيو ڪجهه ڏينهن پھريان لال بخش شاهاڻي بلا جواز چڙهائي ڪري برادري جي 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو. اي ايس آءِ لال بخش مختلف نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ڪورٽ ۽ ايس ايس پي ڄامشورو وٽ وڃڻ کان روڪيو ويو جنهن سبب سندن نوجوان صدمي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هنن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ملوث پوليس عملدارن کي برطرف ڪري، اعلي سطح ڪميٽي جوڙي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.