تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

ڄامشورو ۾ لمس ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوتي عورت ۽ ٻارڙي جو ڪيس ايم ايس ۽ ڊاڪٽرن مٿان داخل

ڄامشورو (رپورٽر) لمس ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل علي آباد واسڻ عورت فوزيه برفت ۽ سندس ٻار جو ڪيس اڳوڻي اي ايم ايس ۽ ٻين ڊاڪٽرن تي داخل ڪيو ويو. فوتي عورت جي ڏير رستم خان جي فرياد تي لمس جي اڳوڻي اي ايم ايس نياز ٻٻر، ڊاڪٽر شهزاد سليم، ڊاڪٽر پربيت ڪمار، ليڊي ڊاڪٽر زبيده، عروج فاطمه خلاف ڄامشوري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ياد رهي ته 15 ڏينهن اڳ علي آباد ويجهو ڳوٺ موٽيو خان برفت جي رهواسڻ 25 ورهين جي فوزيه برفت ويم دوران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب ٻار سميت فوت ٿي هئي. پوليس موجب فريادي رستم برفت جي فرياد تي ڊاڪٽرن تي لاپرواهي ۽ غفلت ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.