تازا ترين
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

ڄامشورو ٿرمل پاور جي گرڊ اسٽيشن کي باهه کانپوءِ بجلي جو بحران، لکن جو نقصان

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٿرمل پاور ڄامشورو جي گرڊ اسٽيشن کي لڳل باهه سبب بجلي جو بحران، حيسڪو ريجن ۾ هڪ هڪ ڪلاڪ جي وقفي سان گرڊ اسٽيشنن تي لوڊشيڊنگ، سخت گرمي سبب شهري ٽڙپندا رهيا، گرڊ اسٽيشنن کي لڳل باهه سبب لکين رپين جو نقصان، رات دير سان هالاناڪو گرڊ اسٽيشن کي بجلي جي سپلاءِ بحال، باهه جا ڪارڻ پڌرا نه ڪيا ويا. رپورٽ موجب ٿرمل پاور ڄامشورو ڀرسان قائم نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات لڳل باهه جي نتيجي ۾ حيسڪو ريجن اندر پيدا ٿيل بجلي جو بحران ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. حيسڪو پاران 6-6 گرڊ اسٽيشنن تي هڪ هڪ ڪلاڪ جي وقفي سان لوڊشيڊنگ ڪري بجلي جي پورائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن کي باهه جي نتيجي ۾ حيسڪو کي بجلي سپلاءِ ڪندڙ جي ايم ايس ون ۽ جي ايم ايس ٽو سرڪٽ سڙي تباهه ٿي ويا هئا جڏهن ته ڪنڊيڪٽر، ٽاور ۽ ٻي تنصياب کي سخت نقصان رسيو. ڪنڊيڪٽر، سرڪٽ ۽ ٻي تنصياب جي بحالي جو ڪم اڱاري ڏينهن صبح جو شروع ڪيو ويو جيڪو رات دير تائين جاري رهيو. گرڊ اسٽيشن کي باهه جي نتيجي ۾ هاءِ ٽينشن تارون انڊس هاءِ وي تي ٿرمل پاور هائوس سامهون روڊ تي ڪري پيون هيون جنهن جي ڪري واقعي کانپوءِ انڊس هاءِ وي کي گاڏين جي اچ وڃ لاءِ بند ڪري اتي موٽروي ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس کي بيهاريو ويو هو ته جيئن ڪو جاني نقصان نه ٿئي. روڊ بند ٿيڻ جي ڪري سوين گاڏين جي قطار لڳي وئي. بعد ۾ رات جو دير سان تارون هٽائي ٽريفڪ جي اچ وڃ کي بحال ڪيو ويو. گرڊ اسٽيشن ۾ باهه فني خرابي جو نتيجو قرار ڏنو ويو پر باهه لڳڻ جا اصل ڪارڻ منظر عام تي نه آندا ويا. اها باهه گذريل رات دير سان 1 لڳي 45 منٽن تي لڳي. باهه جا شعلا ايترا ته تيز هئا جو ان باهه تجلا پري کان نظر آيا جنهن سبب ماڻهو خوف ۽ حراس مان پنهنجي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. گرڊ اسٽيشن کي لڳل باهه تي 4 ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ ضابطو آندو ويو ۽ لڳ ڀڳ 6 بجي ڌاري صبح جو هالاناڪو گرڊ اسٽيشن کي بجلي جي سپلاءِ بحال ڪئي وئي. قاسم آباد گرڊ اسٽيشن جي بجلي ٻئي ڏينهن به بحال نه ٿي جنهن جي ڪري قاسم آباد گرڊ اسٽيشن کي هالاناڪو گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍي متاثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي شروع ڪئي وئي. حيسڪو جي ترجمان موجب ٿرمل پاور هائوس وٽ گرڊ اسٽيشن کي لڳل باهه جي ڪري حيسڪو جي 76 مان 66 گرڊ اسٽيشنن جي بجلي بند ٿي وئي جنهن جي ڪري حيدرآباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي، ٽنڊو محمد خان، سجاول، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار، مٽياري، هالا ۽ ٿرپارڪر جا اڪثر علائقا اونداهي جي ورچڙهي ويا. حيسڪو ترجمان صادق ڪٻر ٻڌايو ته گرڊ اسٽيشن اين ٽي ڊي سي جي ڪنٽرول هيٺ آهي جنهن جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو جڏهن ته حيسڪو جي جي ايم ايس ڪنڊيڪٽرز، ٽاور، سرڪٽ ۽ ٻي تنصياب جي بحالي لاءِ حيسڪو جون ٽيمون رات دير تائين مرمتي ڪم ۾ مصروف هيون. هن ٻڌايو ته جيئن ئي سرڪٽ ۽ ڪنڊيڪٽرز جو ڪم مڪمل ٿيندو تيئن ئي قاسم آباد گرڊ اسٽيشن کي بجلي جي سپلاءِ بحال ٿي ويندي ۽ پيدا ٿيل بجلي جو بحران ضابطي هيٺ اچي ويندو.

Bookmark the permalink.