تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڄامشورو: مڪاني ادارا عوام کي لاڀ ڏئي نه سگهيا، چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي زيرو، ڪروڙين رپيا بجيٽ هڙپ

ڄامشوري ۾ 30 يونين ڪائونسلز، 6 ٽائون ڪاميٽيز، 2 ميونسپل ڪاميٽيز ۽ ضلعي ڪائونسل جا 500 کان مٿي چونڊيل نمائندا چئن سالن ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيا

مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن پاران ڪا به خاطر خواهه ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ سبب عوام کي ڪو به لاڀ ملي نه سگهيو، اڪثر علائقن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا

ڄامشورو (رپورٽ: رحمان ميمڻ) ڄامشوري ضلعي ۾ 30 يونين ڪائونسلز، 6 ٽائون ڪاميٽيز، 2 ميونسپل ڪاميٽيز ۽ ضلعي ڪائونسل جا 500 کان مٿي چونڊيل نمائندا چئن سالن ۾ ڪا به خاطر خواهه ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهيا، جنهن ڪري عوام کي ڪو به لاڀ ملي نه سگهيو آهي. ضلعي ڄامشوري جي 30 يونين ڪائونسلز ۾ ماهوار ڏيڍ ڪروڙ، 6 ٽائون ڪاميٽيز ۾ ماهوار 2 ڪروڙ 50 لک، ٻن ميونسپل ڪاميٽيز ۾ 3 ڪروڙ ۽ ضلع ڪائونسل جي ماهوار هڪ ڪروڙ 40 لک رپيا بجيٽ هجڻ باوجود عوام جا اهنج گهٽجي نه سگهيا. سمورين ڪائونسلن جي انتظاميا پاران بجيٽ جو 80 سيڪڙو ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنز ۾ ختم ٿي وڃڻ جون دانهون ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري ترقياتي ڪم نالي ماتر ٿي سگهيا، سيوهڻ ٽائون ڪاميٽي تي اسپيشل فنڊز جي نالي تي وڏي وزير پاران خاص مهربانيون ڪيون ويون، ٽائون ڪاميٽي مانجهند جا 103 ملازم چار ئي سال پگهارن لاءِ احتجاج ڪندا رهيا، ٽائون ڪاميٽي مانجهند فقط ٻن وارڊن تي مشتمل هجڻ ڪري مخالف ڌر جا ميمبر چونڊجي اچڻ ڪري چئني سالن تائين چيئرمين چونڊي نه سگهيا، جنهن ڪري چارج ڪامورن حوالي رهي، مليل معلومات موجب ٽائون ڪاميٽي مانجهند ۾ ٽڪي جو ڪم به ٿي نه سگهيو، ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو ٻن سالن کان بنا چيئرمين جي هلندي رهي، چارج ڊي سي کي مليل هئي، جڏهن ته سمورو ڪاروهنوار با اثر ڪائونسلر هلائيندا رهيا، ان ڏس ۾ ڄامشوري جي شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سندن چوڻ آهي ته مڪاني ادارن جا نمائندا عوام لاءِ ڪو به ٻوٽو ٻاري نه سگهيا، جنهن ڪري اهي بي لاڀ بڻيل رهيا.

Bookmark the permalink.