تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

ڄامشورو مان اغوا ڄاڻايل ناري رفيا نوجوان بلاول سان پسند جو پرڻو ڪري تحفظ لاءِ سکر پريس ڪلب پهچي ويو:تحفظ لاءِ اپيل

ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، پوليس مڙس ۽ ان جي گهر وارن جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي:ناري

سکر (رپورٽر) ڄامشورو مان اغوا ڄاڻايل ناري پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. نوجوان ناري رفيا ڪولاچي پنھنجي مڙس بلاول حسين سان گڏجي تحفظ لاءِ سکر پريس ڪلب پھچي وئي. ناري جو چوڻ هو ته کيس ڪنهن اغوا ناھي ڪيو پوليس اغوا ڪيس ۾ سندس مڙس ان جي وارثن جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي. ناري رفيا خدشو ظاهر ڪيو ته کيس والد عبدالمالڪ، ڀائرن ۽ مائٽن مان کيس جاني نقصان جو خطرو آهي. پريمي بلاول موجب پسند جي شادي ڪئي آھي جنهن تي پوليس گھرن تي چڙھايون ڪري رهي آهي. هن چيو ته پوليس جي آزار سبب والدين دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. جوڙي آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي کين تحفظ ڏنو وڃي.

Bookmark the permalink.