تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

ڄامشورو: فروٽ ۽ سبزي مارڪيٽ لاءِ جاءِ ڏيو، بک هڙتال

ڄامشورو (رپورٽر) فروٽ ۽ سبزي مارڪيٽ لاءِ جاء ڏيو!. ڄامشوري ۾ مارڪيٽ جدوجهد ڪاميٽي پاران بک هڙتال ڪئي وئي. ڄامشوري ۾ فروٽ ۽ سبزي مارڪيٽ لاءِ متبادل جڳهه ڏيڻ لاءِ مارڪيٽ جدوجهد ڪميٽي پاران ڄامشوري جي اوور هيڊ برج وٽ بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندي سبزي ۽ فروٽ فروشن عبدالفتاح چانڊيو، نظير احمد ڀنڊ، صلاح الدين پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته ڄامشوري ۾ فروٽ ۽ سبزي مارڪيٽ نه هجڻ ڪري مجبورن فلاء اوور هيٺان ريڙا بيهاري پنهنجو گذر ڪريون ٿا پر اتان به وقت بوقت انتظامي عملدار اسان کي پريشان ڪري ريڙها هٽائيندا رهن ٿا، ان کانسواءِ ايندڙ ويندڙ گاڏين ۽ راهگيرن کي پڻ پريشاني ٿئي ٿي، هنن ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريدالدين مصطفي کام مطالبو ڪيو ته ڄامشورو لاء متبادل فروٽ ۽ سبزي مارڪيٽ لاء جاء مختص ڪئي وڃي.



Bookmark the permalink.