تازا ترين
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ڄامشورو جون ٽئي يونيورسٽيون ايس او پيز تحت کلي ويون

ڄامشورو (رپورٽر) حڪومتي حڪمن تي لاڪ ڊائون جي ستن مهينن کان پوءِ ڄامشوري جون ٽئي لمس، سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيون ايس او پيز تحت کلي ويون، ان سلسلي ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪورونا بعد پنهنجا سمورا انتظامي شعبا ايس او پيز لاڳو ڪري کولي ڇڏيا. اي آر-16۽ ايف-16 بيچ جي شاگردن کان طئي ٿيل ايس او پي تحت يونيورسٽي ۾ سيمسٽر امتحان ورتو ويندو، جڏهن ته انتظامي شعبن پڻ معمول موجب ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي وي سي اسلم عقيلي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ايس او پيز تحت يونيورسٽي کولي آهي، جنهن ۾ اسان آن لائن ڪلاسز اڳ پورا ڪري چڪا آهيون، شروعات ۾ ٻه مهينا مختلف شعبن جا امتحان ورتا ويندا، ان کان پوءِ ڪلاسز بابت حڪمت عملي جوڙي ويندي، لمس يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر ساروپ ڀاٽيا ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ آخري سال جي ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس، ميڊيسن شعبن جي شاگردن کي پريڪٽيڪل ڪرايا ويندا. سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان واحد هيسباڻي چيو ته پهرين مرحلي ۾ آخري سال جي شاگردن جا ڪلاس هلايا ويندا، هاسٽلن ۽ ڪلاسن کي سينيٽائيز ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.