تازا ترين
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *
  • *منهڙو : روهڙي ڪئنال ۾ڪريل ڪار ۾سوار زال مڙس جا لاش نه مليا *مقامي ٽوٻن ذريعي ڳولا جاري، سوين ماڻهو واقعي هنڌ پهتل، انتظاميا گم *رات دير سان حادثي بعد غلام رسول ڏاهري کي زندهه حالت ۾ڪڍيو ويو هو *

ڀٽ شاهه ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺل عورت سان زيادتي ڪندڙ مک جوابدار گرفتار، ٺارو شاهه ڀرسان نينگر سان بدفعلي جي ڪوشش

ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد پوليس عورت سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو

ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه ۾ پوليس ذهني توازن وڃائي ويٺل عورت سان زيادتي ڪندڙ مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ٽائيم نيوز تي جوابدار گرفتار نه ٿيڻ واري خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ پوليس تحرڪ وٺندي روپوش جوابدار جاويد خاصخيلي کي حراست ۾ ورتو، جڏهن ته ٺارو شاهه لڳ ڳوٺ شاهه مراد رند ۾ معصوم نينگر سان بدفعلي جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي نينگر ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيا، کين اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدار فرار ٿي ويو.

Bookmark the permalink.