تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • احتساب عدالت آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو اڄ ٻڌائيندي*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڀٽ شاهه درگاهه تي آيل ٽنڊو محمد خان واسي بيمار عورت فوت

ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه ۾ لاکيڻي لطيف جي درگاهه تي آيل عورت فوت ٿي وئي. خبر موجب ڀٽائي جي درگاهه تي زيارت لاءِ آيل ٽنڊو محمد خان واسي عورت 30 سالن جي مسمات زينب بيماري سبب فوت ٿي وئي. ان ڏس ۾ عورت جي مڙس علي بخش حاجاڻو جو چوڻ آهي ته سندس زال بيمار هئي، جنهن کي دعا لاءِ درگاهه ڀٽائي تي وٺي آياسين ته فوت ٿي وئي. پوليس ضروري ڪارروائي بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي ٽنڊو محمد خان کڻائي ويا.

Bookmark the permalink.