تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

ڀٽ شاهه جي مڇر ڪالوني واري علائقي ۾ گهر اندر نوجوان پراسرار نموني فوت، فوتي جي ڀاءُ قتل ۽ پٽ واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو

منهنجي ڀاءُ بشير احمد کي سندس گهر واري ۽ پٽن زهر ڏئي ماريو آهي: غلام اڪبر ڀٽي

اسان پنهنجي والد کي قتل ناهي ڪيو، بابا گهرو اڻبڻت تان پاڻ خودڪشي آهي: پٽ

ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه جي مڇر ڪالوني واري علائقي ۾ گهر اندر 35 سالن جو بشير احمد ڀٽي پراسرار نموني فوت ٿي ويو، فوتي جي ڀاءُ قتل ۽ پٽ واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو. فوتي جي ڀاءُ غلام اڪبر ڀٽي قتل جو الزام هڻندي چيو آهي ته منهنجي ڀاءُ کي سندس گهر واري ۽ پٽن زهر ڏئي ماريو آهي، جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. فوتي بشير ڀٽي جي پٽ زاهد ڀٽي پنهنجي چاچي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي والد کي قتل ناهي ڪيو، بابا گهرو اڻبڻت تان پاڻ خودڪشي آهي. واقعي جي اطلاع تي ڀٽ شاهه پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال پهچايو، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي موت بابت تفصيل گڏ ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي..

Bookmark the permalink.