تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ڀوتارن جا جوتا چٽي وڌيڪ رهڻ کان وڃڻ بهتر آهي: ڊاڪٽر رضوان

شڪارپور(رپورٽر) “پنهنجي اخبار” پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان خان چيو ته ڪنهن به راند ۾ جڏهن اوهان سخت فيصلا ۽ موقف اختيار ڪندو ته اهڙا ئي رد عمل ۾ ايندا. هن چيو ته حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ تي هٽايو ويو آهي، منهنجو ضير مطمئن آهي. هن چيو ته ڀوتارن ۽ بااثرن جا جوتا چٽي هڪ سال يا وڌيڪ عرصو وڌيڪ رهڻ کان بهتر آهي ته مان سچ ڳالهائيندي هٽايو ويو آهيان. هن چيو ته بااثرن جي چوڻ تي هاف فراءِ ڪرڻ لاءِ سي آءِ اي جي ٽيم جوڙي ڪرپشن ڪرڻ ۽ ظلم لاءِ پوليس کي استعمال ڪرڻ قبول ناهي، ان کان انصاف ۽ اصول جي ڳالهه ڪندي هليو وڃڻ بهتر آهي.



Bookmark the permalink.