تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي سنڌ جي ملڪيت آهن،وفاق کي شهر اڏڻ جي اجازت ڏئي نٿي سگهجي: ساڃاهوند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي حڪومت پاران ڪراچي جي جاڙن ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري رٿا تي سنڌ جي سماج سڌارڪن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي، ان حوالي سان پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق والار ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ جي ڪوسٽل ايريا ۾ 300 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ٻيٽ آهن، جيڪي ڊيلٽا جو حصو آهن، ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان سمنڊ جي ماحوليات متاثر ٿيندي، 8 لک مهاڻا بيروزگار ٿيندا، اهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاق کي والار ڪرڻ جو قانون ۽ آئيني حق ناهي، آهن، نامياري قانوندان ۽ اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل يوسف لغاري چيو ته آئيني طور وفاقي سرڪار جي ڪا به ملڪيت ناهي، انهي کي جيڪڏهن ڪا زمين گهربي ته لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تحت صوبائي حڪومت کان اها زمين گهرندي ۽ پوءِ ان جا پئسا ڏيندي، پنجاب کان زمين وٺي اسلام آباد ٺاهيو ويو آهي، هاڻ وري بلڊر مافيا کي اهي ٻئي ٻيٽ ڏيڻ جون تيارين ٿين پيون، انهي سان سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿي ويندي، ايم ڪيو ايم جي به اها ئي پاليسي آهي ته سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿئي، هن چيو ته پ پ سرڪار اين ايف سي ايوارڊ وٺي ناهي سگهي ۽ نه ئي وري صوبائي خودمختياري جو تحفظ ڪري سگهي آهي، انهي لاءِ يا ته عام ماڻهو اچن يا وري معاملو سپريم ڪورٽ ۾ وڃي. نامياري وڪيل ۽ ليکڪ علي ناصر بلوچ چيو ته ملڪي صدر جيڪڏهن هڪ پارٽي جي ايجنڊا تي هلي ته پوءِ هن جي صدر واري اهميت ڪهڙي رهي ؟ گورنر ۽ صدر کي اهو اختيار ئي ناهي جو اهي ڪنهن پارٽي جي ايجنڊا تي ڪم ڪندي اهڙي قسم جا فيصلا ڪن؟ هن چيو ته هي سنڌ جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، وفاقي حڪومت ڪراچي ڏانهن وڌڻ چاهي ٿي، انهي ڪري ان قسم جا منصوبا تيار ڪيا پيا وڃن، دانشور نصير ميمڻ چيو ته ٻيٽ قانوني طور سنڌ جي ملڪيت آهي،وفاق ضرورت مطابق ڪا زمين صوبي کان ليز حاصل ڪندي آهي، هي ٻيٽ ته ليز ٿيل به ناهن، نه ئي وري اهي پورٽ قاسم کي الاٽ ٿيل ناهن، جيڪڏهن ان قسم جي ڪا ليز هوندي آهي ته ان ليز ۾ به اهو مقصد واضح هوندو آهي، انهي کي ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪري نٿو سگهجي، مشرف دور ۾عمار ڪمپني به ان قسم جومعاهدو ڪيو هو پر سنڌ تمام گهڻو رد عمل ڏيکاريو ته ان تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو، هن چيو ته وزيراعليٰ به ذاتي طور اها ٻيٽ ڏئي نٿو سگهي، هن چيو ته ٻيٽن جي ٻنهي پاسن کان مهاڻن جا لنگهه به اتان آهن، هتي تمر جا ٻيلا به آهن، سنڌ انڊيجينئس الائنس جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ چيو ته وفاقي حڪومت پاران ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شھر اڏڻ واري گڏجاڻي سنڌ دشمني ۽ بد نيتي تي ٻڌل فيصلو آھي، اها زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت آھي، انهن ٻيٽن تي وفاق جو آئيني ۽ قانوني طور تي ڪوبه حق ناهي، اسان ماضي ۾ انهي خلاف جدوجهد ڪئي آھي، هن چيو ته سنڌ جي 14 هزار ايڪڙ زمين پورٽ قاسم کي پورٽ لاءِ ڏني وئي هئي، جيڪا پورٽ بدران انڊسٽريل زون لاءِ استعمال ٿي، هاڻي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي شھر اڏجڻ سان هتان جي ماهيگيرن جا مک لنگھه ڪورنگي ڪريڪ ۽ ڦٽي ڪريڪ بند ٿيندا، اسان ماضي جيان ٻيهر تحريڪ هلائينداسين

Bookmark the permalink.