تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي تي شهر اڏڻ نه ڏينداسين: مهاڻن ۽ سول سوسائٽي پاران تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ڪراچي جي ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي وفاقي سرڪار پاران نوان شهر اڏڻ واري فيصلي خلاف سول سوسائٽي ۽ مهاڻن پاران تحريڪ هلائڻ جو اعلان، ان سلسلي ۾ ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فشرمين فوڪ فورم جي سربراهه محمد علي شاھ، پائلر اڳواڻ ڪرامت علي، انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اسد اقبال بٽ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي سمنڊ ۾ 300 کان مٿي وڏا ننڍا ٻيٽ آهن، جيڪي سمنڊ نه پر ڊيلٽا جو حصورهيا آهن، انهن ٻيٽن کي سنڌو پنهنجي وهڪرن سان گڏ آڻيندڙ مٽي (سلٽ) سان تخليق ڪيو آهي. انڊس ڊيلٽا کي گھربل 10 ايم اي ايف پاڻي ڏيڻ بدران ڊيلٽا ۾ موجود ٻيٽن کي ترقي جي نالي ۾ وڪرو ڪري، اتي جديد شهر اڏڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن. 2 ڏهاڪن کان اهڙيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هنن چيو ته وفاق نوان شهر اڏڻ جو ته فيصلو ڪيو آهي پر اهو واضح ناهي ڪيو ته ٻيٽن تي جديد شهر تعمير ڪرڻ لاءِ ڪهڙي ڪمپني سان معاهدو ڪيو ويو آهي؟ هنن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار سميت اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺڻ بِنا شهر اڏي پئي. وفاقي حڪومت جو اهو طريقو نه رڳو ملڪي آئين، قانون ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي، پر گڏيل قومن جي مختلف ڪنوينشنن ۽ معاهدن جي ڀڃڪڙي پڻ آهي، هنن چيو ته وفاقي حڪومت پاڪستان آئي لينڊز ڊولپمنٽ اٿارٽي جوڙڻ فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته پاڪستان جي 1050 ڪلوميٽرن جي سامونڊي حد ۾ جيترا به ٻيٽ آهن، اُنهن تي ترقي جي نالي ۾ قبضو ڪيو ويندو، جنهن جي شروعات ڏنگي ۽ ڀنڊار وارن جاڙن ٻيٽن کان ڪئي پئي وڃي. ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان 8 لک مهاڻن جو روزگار ختم ۽ سامونڊي ماحوليات تباھ ٿي ويندي، هنن چيو ته ٻيٽن تي والار ڪئي وئي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.

Bookmark the permalink.