تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڀنڊاڙ ڏنگي ٻيٽن تي قبضي خلاف مزاحمت ڪنداسين: محمد علي شاهه

ٺٽو ( رپورٽر ) فشر فوڪ فورم پاران سنڌ جي ڊيلٽا جي بقاءَ ۽ بحالي توڙي تحفظ لاء 22 سيپٽمبر تي ٺٽي ۾ ڊائيلاگ پروگرام سڏائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي . ڊائيلاگ پروگرام ۾ سنڌ جي ماحولياتي پاڻي ماهرن سميت ساڃاه وندن، پارليامينٽرين، دانشورن، اديبن ۽ صحافين کي شرڪت جي دعويت ڏنيويندي، فشرفوڪ فورم جي چيئرمين سيد محمد علي شاھ چيو آهي تہ ڊائيلاگ پروگرام ۾ سنڌ جي متاثر ٿيندڙ ڊيلٽا جي بقاءَ ۽ بحالي لاءِ تجويزون گڏ ڪري سفارش جي صورت ۾ حڪومت پارليامينٽ ۽ پارليامينٽرين کي پيش ڪيو ويندو. ھن چيو تہ وفاق هڪ منصوبي تحت ڪراچي جي ساحل تي ڀنڊار ڊنگي ٻيٽن تي قبضي جو منصوبو جوڙيو آهي، جنهن خلاف هر محاذ تي مزاحمت ڪئي ويندي. محمد علي شاه چيو تہ وفاق سنڌ جي 3 سئو کان مٿي ٻيٽن تي والار جو منصوبو جوڙيو آهي، جڏهن ته اهي تاريخي ٻيٽ سنڌو درياء جي وهڪرن ڪري قائم ٿيا آهن. ھن چيو تہ تاريخي سامونڊي ٻيٽ صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهن،

ڇاڪاڻ جو سمنڊ ۾ 12 نارٽيڪل ميل تائين جي حد سنڌ حڪومت جو حصو آهي، وفاق جي اُتي مداخلت غير آئيني ۽ غير قانوني آهي. ھن چيو تہ وفاق سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي لاء پاڪستان آئرلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جوڙي آهي، جنهن تي سخت تحفظات آهن، مختلف ڌرين جي گڏيل مشاورت سان دستاويز تيار ڪري پارليامينٽ مان سنڌ جي عظيم ڊيلٽا کي بچائڻ ۽ بحال رکڻ لاء پارليامينٽ ذريعي قانونسازي تي زور ڏنو ويندو.

Bookmark the permalink.