تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ڀريا سٽي ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 4 ڄڻا زخمي

ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀريا سٽي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، ڀريا روڊ پڪا چانگ لنڪ روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيو، 4 ڄڻا اسداللھ مري، خان محمد ملاح، آصف راڄپر ۽ جميل راڄپر شديد زخمي ٿي پيا، جن کي ڀرياروڊ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ٻن ڄڻن اسداللھ مري ۽ جميل راڄپر جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو.



Bookmark the permalink.