تازا ترين
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

ڀريا روڊ ۾ ٻن سماجي اڳواڻن جي گهرن مان چوري، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ ۾ ڏينهن ڏٺي جو اڻڃاتل چورن ريتي پاڙي وارڊ نمبر 08 ۾ سماجي اڳواڻن نديم صديقي ۽ تصور اقبال آرائين جي گھرن ۾ داخل ٿي گھرن ۾ پيل سونا زيور، روڪ رقم، ايل سي ڊي، رسيور، لٽو ڪپڙو ۽ ٻيو گھرو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ متاثر تصور اقبال آرائين ٻڌايو ته گھر وارا ڪنهن ڪم سان ٻاھر ويل ھئا ته نامعلوم چور گهر ۾ داخل ٿي پيتين جا تالا ٽوڙي ھزارين رپين جو قيمتي سامان چوري ڪري ويا جنھن جو مقامي پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو آهي. علائقي واسين ٻڌايو ته ٽن ڏينهن دوران 6 کان وڌيڪ گھرن۾چورين جون وارداتون ٿيون آهن پر پوليس ننڊ ستل آهي.

Bookmark the permalink.