تازا ترين
  • *احمد پور ويجهو 14 ورهين جي نينگري نگھت ڌيءُ امان الله وسطڙو مبينا طور اغوا: ٽن ڄڻن صبر علي، شڪر علي ۽ منٺار وسطڙو خلاف اين سي داخل*
  • *سڪرنڊ ۾ پاڙيسري جو وڪيل رياض احمد عرف راجا تي قاتلاڻو حملو، نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر*
  • *سيوهڻ زيادتي ڪيس: عدالتي اجازت بعد جاچ ٽيم ڊي ايس پي کاڻوٺ علي شير خاصخيلي جي سربراهي ۾ معطل سول جج امتياز ڀٽو جي چئمبر جو معائنو ڪيو*
  • *ميرپورماٿيلو ۾ پرڻيل ناري جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي مڙس گرفتار، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * ميرپورماٿيلو: عورت شمائلا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس * ميرپورماٿيلو: ڀاڄائي گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي: ڏير اسلام بوزدار *
  • *راڻيپور: ٻن ڀائرن شڪيل بروھي ۽ ظريف بروھي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: 17 سالن جو نوجوان شڪيل بروھي مارجي ويو، ظريف بروھي مرڻينگ*
  • *ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف اي جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري، 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب * ڪراچي: اوهان جونيئر آهيو، ڪنهن سينيئر خلاف ڪيئن ٿا انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي سگهو؟ نوٽيس *
  • *حيدرآباد/ڄامشورو: 15 ڏينهن کان گم ڄاڻايل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو لاش هٿ، وارثن کي دوستن تي شڪ * حيدرآباد/ڄامشورو: شاگرد فتح راجپوت جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي * حيدرآباد/ڄامشورو: پٽ دوست جي دعوت تي ڪوٽڙي ويو هو، شڪ آهي ته دوستن کيس قتل ڪيو: شير سومار *
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد طلب: سڀاڻي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو*
  • *اسلام آباد: سنڌ ۾ اتحادين کي اعتراض: آءِ جي لاءِ سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب * اسلام آباد: آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي *
  • *لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل 3 ڪلو سون مان 31 تولا متاثر دڪاندار کي واپس: ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش اهو نه ٻڌايو ته سون ڪٿان هٿ ڪيو * لاڙڪاڻو: 31 تولا سون سوڌو چوري ٿيل ٻيو سامان ملي ويو آهي: دڪاندار عبدالله شيخ *
  • *مون خلاف سازش ٿي آهي، سولائيءَ سان وڃڻ واروناهيان: آءِ جي سنڌ*
  • *هالا ڀرسان 7 ڄڻڻ جي قتل جو ڪيس داخل: جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار*
  • *پشاور ڀرسان مسجد جو امام مبينا طور 14 ورهين جي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويو*
  • *ريل سڙڻ جي واقعي بعد 19 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي(شيخ رشيد) وڏن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:چيف جسٽس*
  • *سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو:سپريم ڪورٽ*

ڀريا روڊ ڀرسان اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ: ٽرين تان ڪري فوت ٿيو: پوليس

ڀريا روڊ (ن پ ا) ڀريا روڊ ڀرسان ٽرين جي پٽڙيءَ وٽ هٿ آيل لاش لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو. ريلوي اسٽيشن ڀرسان اَپ ٽريڪ تي اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ آيو. پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته لاش جي حالت ڏسي لڳي ٿو ته اڌڙوٽ شخص ٽرين مان ڪري فوت ٿيو آهي. سندس جسم تي ٽرين مان ڪرڻ ۽ ڌڪ جا نشان آهن.
پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد ايڌي نوشهروفيروز حوالي ڪيو، جِن لاش لارواثي حالت ۾ دفنائي ڇڏيو آهي.



Bookmark the permalink.