تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڀرياسٽي شهر مان ٻن واپارين جي دڪانن مان چوري، پوليس ننڊ ستل

ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي شھر جي مين اسٽاپ تي قائم مشهور واپارين سيٺ اڪرم راجپوت ۽ حاجي اعجاز آگرو جي پرچون جي دڪانن مان نامعلوم چور تالا ٽوڙي ڪيش رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ رابطي تي دڪانن جي مالڪن ٻڌايو ته دڪان مان ھزارين رپين جي ڪيش چوري ٿي آھي جنهن جي ڀرياسٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي آهي پر ڪوبه داد فرياد ناھي ٿيو. جڏھن ته رابطي تي ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته واقعي جي قانوني طريقي سان جاچ ڪيون پيا جلد چورن کي گرفتار ڪيو ويندو. ھوڏانھن ڀرياسٽي شھر ۾ وڌندڙ چوري جي وارداتن تي شھرين ۽ سڄاڻ ڌريـن سخت ڳڻتي جو اظھار پڻ ڪيو آھي ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان پڻ نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

Bookmark the permalink.