تازا ترين
  • مٺي: ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو نـ آيو،وڌيڪ 3 ٻار فوت*
  • سنڌ جا وزير خانگي اسپتالن ۾ ڇو داخل آهن: نصرت سحر جو اسيمبلي ۾ خطاب*مرتضيٰ بلوچ جي جنازي نماز ۾ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪري هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي:نصرت سحر*سنڌ حڪومت جا 8 ارب خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿيا: نصرت سحر*
  • *گهوٽڪي ۾ هٽايل ميونسپل چيئرمين پاران بحالي لاءِ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل *عدالت پاران چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس *سنڌ حڪومت کي اختيار ئي ناهي جو چيئرمين کي هٽائي سگهي: درخواست *
  • *ملڪ جي صدر کي به راءِ ٺاهڻ لاءِ قانوني مدد هجڻ گهرجي، اهو ذهن ۾ رکيو وڃي ته ڪيس تي ڪارروائي جا سنگين نتيجا هوندا: سپريم ڪورٽ*
  • *ٽرانسپورٽ واري وزير پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس *سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرائين: اويس شاهه *جن ضلعن ۾ ٽرانسپورٽرز ايس او پيز تي عمل نه ڪندا ته ڪارروائي ٿيندي: اويس شاهه *
  • *ميهڙ ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي ٿي پيا *ڳوٺ جوڙو لاکير ۾ لاکير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو *ظفر،مظھر، حسين، عبدالله، وسيم، سعيد ۽ اظھر لاکير کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *پنگريو ڀرسان زمين جي تڪرار تان ترڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 8ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻاررن ۽ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*

ڀان ۾ گهر تي حملو، نينگري کي شادي لاءِ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي پيءُ ۽ ڀاءُ زخمي

ڀان سيدآباد (رپورٽ: آصف ميمڻ) ڀان سيدآباد جي رودناڻي ڪالوني مان 8 سالن جي نينگري کي نڪاح لاءِ مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي پيءُ ۽ ڀاءُ زخمي، وارثن جو چوڻ آهي ته ڏوهاري سڪندر ۽ سندس ساٿين نابالغ نياڻي جو سڱ گهري رهيا آهن، انڪار ڪرڻ تي گهر تي حملو ڪيو ويو، خبر موجب شهر جي رودناڻي ڪالوني ۾ 4 هٿياربندن پورهيت امام داد لنڊ جي گهر تي حملو ڪري 8 ورهين جي نينگري نازيه لنڊ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي امام داد لنڊ ۽ سندس پٽ ديدار لنڊ کي ڏنڊا هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، ٻنهي زخمين کي سيوهڻ جي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ نيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي، واقعي بعد نينگري جي ڏاڏي ڄامزادي ۽ ماءُ پناهه زادي احتجاج ڪندي چيو ته روپوش ڏوهاري سڪندر، غلام مصطفيٰ، اڪبر ۽ رشيد معصوم نينگري جو سڱ گهريو آهي، جڏهن ته انڪار ڪرڻ تي گهر ۾ گهڙي نياڻي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي پاڙيوارا پهتا ته هٿياربند فرار ٿي ويا، هنن چيو ته اسين 8 سالن جي نياڻي 25 سالن جي نوجوان کي ڪيئن پرڻائي ڏيون؟ اسان سان ناحق ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته جوابدار ڌمڪيون ڏنيون آهن ته گهر تي حملو ڪري سڀني کي قتل ڪري ڇوڪري اغوا ڪنداسين، جنهن ڪري حياتين کي خطرو آهي. هنن چيو ته ڀان پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر اڃا تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.