تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت

ڀان سيد آباد (ن پ ا) ڀان سيد آباد ۾معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، ٿاڻي ٻاهران لاش رکي فوتي جي وارثن الزام هنيو ته سندن همراهه کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي. شهيد ڪالونيءَ ۾ ڊرينيج نالي جي معاملي تان جمالي ۽ ٻگهيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب 50 سالن جو علي نواز عرف منور ٻگهيو بيهوش ٿي ڪري پيو. وارث کيس فوري طور اسپتال کڻي ويا، جتي ڊاڪٽرز طرفان منور ٻگهيو موت جي تصديق ڪئي. فوتي شخص جو لاش وارث اسپتال کان ٿاڻي تي کڻائي آيا، جتي واقعي جو اطلاع ملندي وڏي انگ ۾ ٻگهيا برادري جا ماڻهو پهچي ويا، جتي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي فوتي علي نواز جي والد ڏاتو خان ٻگهيو روئيندي ٻڌايو ته جمالي برادري جي ماڻهن تشدد ڪري هن جي پٽ کي قتل ڪيو آهي. هن چيو ته جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ به هن جي پٽ سان وڙهيا، جنهن جي ايس سي به داخل ڪرائي هئي، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري پئسن عيوض ڇڏي ڏنو، ساڳيا جوابدار وري منهنجي پٽ سان وڙهيا ۽ ڪنداق هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سيوهڻ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته پوليس اڪرم جمالي نالي هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.