تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڀان سيد آباد، کپرو ۽ سنڌڙي ۾ ٻوڏ متاثرن پاران پوليو مهم جو بائيڪاٽ

ڀان سيد آباد/کپرو/سنڌڙي(نمائندن وٽان) پوليو ٽيم جڏهن ڀان سيد آباد لڳ ڳوٺ دريديرو پهتي ته اتي موجود ڳوٺاڻي منٺار ۽ ٻين پاران اهو چئي پوليو ٽيم کي واپس موٽايو ته صحت کاتي ضلعي ڄامشوري جي طرفان سنڌو درياءَ جي ڪچي ۾ آيل ٻوڏ دوران اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي وئي، ٻوڏ دوران ڳوٺن ۾ چوطرف پاڻي بيٺل هجڻ ڪري مختلف موذي مرض پکڙيا، اطلاع جي باوجود به ڊي ايچ او پاران ڪابه ٽيم نه موڪلي وئي، ان جي ڪري احتجاج طور اسان پوليو جا ڦڙا ٻارڙن کي نه پيارينداسين، ڳوٺاڻن جي انڪار بعد پوليو ٽيم واپس رواني ٿي وئي. ان سلسلي ۾ موقف معلوم ڪرڻ لاءِ ڊي ايچ او ڄامشورو ڊاڪٽر مشتاق احمد سولنگي سان بار بار رابطي جي ڪوشش ڪئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪئي، جنهن جي ڪري سندس موقف معلوم نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف کپرو يونين ڪائونسل رونجهو جي ديهه ڪڙولي ۾ برساتي پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو،7 ڳوٺن جي رهواسين پاران احتجاجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڇڏيو. ڳوٺ خير محمد مري، ڳوٺ فيض محمد مڪراني، گوهر ڇلگري سميت ست ڳوٺن جي رهواسن چيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي جيستائين بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيندو ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين، ٻئي طرف ايم ايس کپرو ڊاڪٽر نٿر مل موجب اسان مقامي صحت کاتي پاران ايڊيشنل ڊي ايچ او فيض محمد مري کي موڪليو. هن ڳوٺاڻن سان ڳالهايو آههي، ڳوٺاڻن جو ضد آهي ته ڳوٺن مان برساتي نيڪال ڪرايو، اسان لاڳاپيل انتظاميا سان ڳالهايو آهي اميد آهي جلد مسئلو حل ٿي ويندو. ٻئي طرف سنڌڙي تعلقي ۾ پوليو مھم جي آخري ڏينھن تي به ڪافي ڳوٺن ۾ پوليو مھم جو بائيڪاٽ رھيو، 5 ڏينھن ھلندڙ مھم ۾ انتظاميا بائيڪاٽ ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام رھي ڳوٺ ڏاتو شر، حمل مري، نظام شر سميت ڪافي ڳوٺ رھجي ويا، راشن نه ملڻ ۽ پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ خلاف پوليو مھم جو بائيڪاٽ جاري رکيو، سوين ٻارڙا رھجي ويا، نظام شر، حمل مري ۽ ٻين چيو ته پوليو مھم جو بائيڪاٽ تيستائين ختم نه ڪنداسين جيستائين اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا.

Bookmark the permalink.