تازا ترين
  • *گهارو: پ پ ايم پي اي سردارخان چانڊيو جي گھر تي پوليس چڙهائي خلاف سچوا ۽ چانڊيا برادري جو مظاهرو *چانڊيا برداري پنھنجي سردار سان گڏ آھي اھڙو عمل ڪڏھن به برداشت نه ڪيو ويندو: احتجاج ڪندڙ*
  • *نصيرآباد ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف ڌرڻو *پ پ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ارٿر پل تي ڌرڻو ھنيو، پوليس خلاف نعريبازي *پوليس چانڊيا ڀائرن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري سندن ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: مظاهرين*
  • *پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ چڪي مالڪن اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، پورهيت طبقو سخت پريشان *چڪي مالڪن سنڌ حڪومت پاران اٽي جو 41 روپيا 83 پئسا اگهه وارو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو *اٽو مهانگي اگهه تي ملڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون: شهري*
  • *وڳڻ ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو *پوليس جي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين *
  • *قاضي احمد ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو *فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي: مظاهرين*
  • *سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي *سکر: عدالت ۾ سرڪاري گواهه سب انسپيڪٽر غلام حيدر بروهي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو *سکر: عدالت گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *سکر: ٻڌڻي دوران مولانا عطا محمود سومرو، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس ۽ ٻيا پيش ٿيا*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، فرانس خلاف نعريبازي *فرانس ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي: مظاهرين*
  • *شهدادڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڌرڻو *شهرين پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، انتظاميه خلاف نعريبازي *دڪاندار اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي: مظاهرين*
  • *قمبر ۾ سچوا پاران سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاج *سردار خان چانڊيو ۽ برھان چانڊيو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سندن ساک کي نقصان پهايو ويو آهي: اڳواڻ*
  • *اسلام ڪوٽ ۾ پورهيتن پاران ٿرڪول ڪمپنين جي مبينازيادتين خلاف ڌرڻو *سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ڇتي نعريبازي*
  • *دادو مان ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشاني جو شڪار *دادو: عزيز آباد ڪالوني واسڻ14 ورهين جي حليمان ڌيءَ الهرکيو لاشاري پراسرار نموني گم ٿي وئي*
  • *خانپور مهر ويجهو پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *ڳوٺ حمل مهر واسي جان محمد پٽ سڄڻ مهر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *لاهور: راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي *اياز صادق جي تقرير دوران ڇا اسپيڪر ستل هو؟:راڻا ثناءُ الله *اسپيڪر اياز صادق جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڇو نه ڪيا:راڻا ثناءُ الله*
  • *ميهڙ: ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ مينهن ڪاهڻ تان جهيڙو، عورت سميت4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي واحد بخش زرداري، محمد صالح تيوڻو، مسمات شمل خاتون تيوڻو ۽ اصغر مهيسر اسپتال منتقل *زخمين کي ميهڙ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو*
  • *وارهه ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف شٽربند هڙتال *وارهه: پ پ جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، دڪانن جا شٽر نه کُليا*

ڀان سيدآباد ۾ واٽر سپلاءِ بند، پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ، شهري ڦڙي لاءِ پريشان

ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، ڪيترن ئي ڏينهن کان واٽر سپلاءِ بند، شهري پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان، شهرين پاران احتجاج جو چتاءُ. خبر موجب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي پيو آهي، مين واٽرسپلاءِ اسڪيم جا تلاءَ سڪي وڃڻ سبب ڪيتن ئي ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي معطل آهي. شهر جي مختلف پاڙن مينگل محلا، نوناري محلا، مهراڻ ڪالوني، شيخ محلا، شورا محلا، مين دعا چونڪ، شاهي بازار، سبزي منڊي، چنا محلا، سخي سيد سليمان شاه ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ بيدا ٿي پئي آهي ۽ رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن بحران باوجود پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا مڪمل طور تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، ان سلسلي ۾ شهرين ڪاڪ محمد لغاري، دلدار جلباڻي، نياز بلوچ، ضمير چانڊيو، شهزاد بلوچ، عاشق بروهي، ذوالقرنين مينگل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڀان سيدآباد شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو فقدان آهي پر ضلعي انتظاميا اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، هنن چيو ته شهري پري پري کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي بحران ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

Bookmark the permalink.