تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڀارت ۾ 11 پاڪستاني شهرين جي پراسرار موت خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڀارت ۾ 11 پاڪستاني شهرين جي پراسرار موت خلاف اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ ڀارتيهاءِ ڪميشن جي آفيس ٻاهران هندو ڪائونسل پاران ڌرڻو هنيو ويو، سنڌ سميت سڄي ملڪ مان پهتل هندو برادري جا سوين ماڻهو ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن سامهون شاهراهه دستور تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات کان هندو ڪائونسل جي سربراهه ۽ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار وڪواڻي جي سربراهي ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا، جن 11 پاڪستانين جي پراسرار فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو، مختلف وقتن تي خطاب ڪندي هندو ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر رميش ڪمار وڪواڻي جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته 11 ماڻهن جي قتل تي هندو برادري صدمي ۾ آهي، واقعي جي تفصيلي رپورٽ ڇو فراهم نه پئي ڪئي وڃي؟، ان بعد ڊاڪٽر رميش ڪمار ڀارتي هاءِ ڪمشنر آفيس وڃي پنهنجا مطالبا ڀارتي هاءِ ڪميشن کي لکت ۾ پيش ڪري ڇڏيا، ڌرڻي ۾ يڪجهتي طور اقليتي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پارلياماني سيڪريٽري لال مالهي به موجود رهيو، وفاقي وزير فواد چوڌري به يڪجهتي لاءِ ڌرڻي ۾ پهتو، جڏهن ته ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ مطالبا پيش ڪرڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو پر رات اتي رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ صبح سان ڪٽاس راج مندر وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.