تازا ترين
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 13 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ وڌي 206 ٿي ويو

نئين دهلي (ڊيسڪ رپورٽ )ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 13 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ متاثر مريضن جو انگ وڌي 206 ٿي ويو، ڀارتي ميڊيا موجب ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس سبب 4 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا ڌڙا ڌڙ ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، جنهن ڪري حڪومت شهرين کي احتياط ڪرڻ جون سخت هدايتون جاري ڪيون آهن، ڀارتي ميڊيا موجب ملڪ ۾ پرڏيهه کان ايندڙ ماڻهن جي ايئرپورٽ تي اسڪريننگ وارو عمل جاري آهي، جڏهن ته متاثر مريضن کي قرنطينه سينٽر منتقل ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.