تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڀارت ۾ عورت جو مڙس کي رسن سان ٻڌي ڪٽڪو، وري نشو نه ڪندس: همراهه جون منٿون

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ عورت پنهنجي مڙس کي رسن سان ٻڌي ڏنڊن سان ڪٽڪو ڏئي رهي آهي ۽ مڙس رحم جي اپيل ڪري رهيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ عورت پنهنجي مڙس کي رسين سان ٻڌي رکيو آهي ۽ هڪ ٿلهي ڏنڊي سان کيس ڪٽڪو ڏئي رهي آهي جڏهن ته مڙس وري رحم لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي جنهن تي عورت تي ڪو اثر نٿو پوي ۽ هو لاڳيتو مڙس کي ڪٽڪو ڏيندي رهي ٿي. ڪٽڪي دوران همراهه واعدو ڪري ٿو ته هاڻي هو شراب نه پيئندو ۽ نشو ڪرڻ بدران پنهنجي ڪم ڪار تي ڌيان ڏيندو. اهڙي وڊيو ڀارت جي ڪهڙي علائقي جي آهي ۽ اهو واقعو ڪڏهن ٿيو آهي ان حوالي سان ڪا ڄاڻ شيئر ناهي ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.