تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

ڀارت ۾ سمنڊ ڪنارو زهريلي جهڳ سبب اڇو ٿي ويو

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارتي رياست تامل ناڊو جي شهر چنئي جو مشهور سياحتي سمنڊ ڪنارو زهريلي جهڳ سبب اڇو ٿي ويو. ڀارت فضائي گدلاڻ جي ور چڙهيل آهي ۽ راڄڌاني نئين دهلي ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس خطرناڪ حد کان به وڌي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ چنئي جي سمنڊ ڪناري زهريلي جهڳ ڀارت ۾ گدلاڻ جي خطرن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب لاڳيتو چوٿين ڏينهن چنئي جي سمنڊ ڪناري تي ڪيترائي ڪلوميٽر رقبي تي زهريلي جهڳ ڏٺي وئي جنهن سبب ڪنارو اڇو نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته عملدار هيل تائين جهڳ جو سبب ڄاڻڻ کان قاصر آهن. ڊاڪٽرن طرفان زهريلي جهڳ سبب چمڙي جي مرضن جي مرضن جو خدشو ظاهر ڪرڻ باوجود وڏي انگ ۾ سياح زهريلي جهڳ سان سيلفيون ٺاهي رهيا آهن ۽ ٻار جهڳ ۾ راند کيڏي رهيا آهن.

Bookmark the permalink.