تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڀارت جي ڳوٺ ۾ ڀولڙن جو آزار، فصلن کي نقصان، ڳوٺاڻا لڏڻ تي مجبور

ڳوٺ ناراس پور ۾ 400 کان وڌيڪ ڀولڙا ڳوٺاڻن لاءِ آزار بڻجي ويا، گهرن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه

سرپئنچ ڀولڙا پڪڙيندڙ ٽيم طلب ڪري ورتي، 100 ڀولڙا پڪڙي ٻيلي ۾ ڇڏيا ويا

ڪراچي (دلچسپ نيوز) ڀارت جي هڪ ڳوٺ ۾ باندرن جي ڀرمار ڳوٺاڻن کي هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هي باندر فصلن کي تباهه ڪري رهيا هئا جڏهن ته گهرن ۾ گهڙي سامان به کڻي ويندا هئا. ڀارتي ڳوٺ ناراس پور مان هيل تائين 20 کان وڌيڪ ڪٽنب لڏي چڪا آهن ان جو سبب باندرن جي ڀرمار آهي جن جو انگ 400 کان وڌيڪ آهي. هي باندر فصلن کي تباهه ڪري هارين کي مالي نقصان پهچائي رهيا هئا جڏهن ته گهرن ۾ گهڙي سامان کڻي ڀڄي ويندا هئا. هاڻي ڳوٺ جي سرپئنچ ڳوٺاڻن کي مسئلي جي حل لاءِ باندرن کي پڪڙيندڙ ٽيم گهرائي ورتي آهي جنهن کي 15 سئو رپيا ڏنا ويندا. هن ٽيم هيل تائين 100 ڀولڙا پڪڙي ٻيلي ۾ ڇڏي ڏنا آهن جيئن هو واپس نه اچي سگهن. سرپئنچ جو چوڻ هو ته هنن ڀولڙن گهرن ۽ فصلن تي تباهي مچائي ڇڏي هئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هاري پريشان هئا. انهن مان ڪجهه هاري اهڙا هئا جيڪي رڳو هڪ ئي قسم جو فصل پوکڻ جي مهارت رکندا هئا ۽ سندن واحد فصل به ڀولڙن هٿان تباهه ٿي ويندو هو، هاري پريشان ٿي هتان لڏي ويا. هاڻي هارين کي خبر پئي آهي ته ڀولڙن جو خاتمو ٿي رهيو آهي ته گهرن ڏانهن وري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.