تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

ڀارتي ڳائڻي ڪنيڪا جي ٻيهر ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي ڳائڻي ڪنيڪا ڪپور جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ هڪ ڀيرو ٻيهر پازيٽو آئي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب بالي ووڊ جي مشهور ڳائڻي ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا مان ڀارت پهتي هئي جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪئي وئي. ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کانپوءِ ڳائڻي پنهنجو پاڻ ئي آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته هاڻي ٻيهر سندس ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي. هوڏانهن ڀارتي پوليس انهن ماڻهن جي ڳولا ۾ آهي جن سان ڪنيڪا ڪپور پارٽين ۾ ملاقات ڪئي هئي. ياد رهي ته ڪنيڪا وائرس جو شڪار هجڻ بابت انسٽاگرام پوسٽ ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.