تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

ڀائر ٻي شادي لاءِ زور ڀرين ٿا، انڪار تي زال کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ چاهين ٿا: ميرپور ماٿيلو واسي ڳوٺاڻي جي دانهن

زال ۽ ٻارن سان خوش آهيان، ٻي شادي نه ٿو ڪرڻ چاهيان: وزير احمد مھر

ڀائر ۽ مامو زال کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين، تحفظ فراهم ڪيو وڃي: نوجوان

ميرپورماٿيلو( ن پ ا ) ميرپورماٿيلو واسي ڳوٺاڻي دانهيو آهي ته ڀائر ٻي شادي کان انڪار تي منهنجي زال کي ڪوڙي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ چاهين ٿا، تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ڳوٺ وستي قريشي جي رھواسي وزير احمد مھر زال ۽ ٻارن سان گڏجي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجا ڀائرن نظير احمد، رشيد احمد ۽ مامو انور مھر ٻي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن. انڪار ڪرڻ تي هو منهنجي گهرواري کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا. وزير احمد مهر چيو ته مان زال ۽ ٻارن سان خوش آهيان، ٻي شادي نه ٿو ڪرڻ چاهيان، گهرواري سوڌو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.