تازا ترين
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

ٿولهه جو شڪار آمريڪي عورت 117 ڪلوگرام وزن گهٽائي ورتو!

اوڪلاهاما واسڻ ڪيٿرين شانڪلين جو وزن 190 ڪلوگرام کان به وڌي ويو هو

ڪيٿرين بيمارين ۾ مبتلا ٿي وئي، ڊاڪٽرن کيس وزن گهٽائڻ لاءِ سرجري صلاح ڏئي ڇڏي

ڪراچي (دلچسپ نيوز) جسماني وزن ۾ واڌ ڪنهن کي به پسند ناهي هوندو ۽ ائين ئي هڪ عورت جو وزن جڏهن 190 ڪلوگرام کان وڌي ويو ته هن سرجري بدران قدرتي طريقي سان ۾ گهٽتائي آڻڻ جو فيصلو ڪيو. گلف نيوز جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست اوڪلاهاما سان واسطو رکندڙ ڪيٿرين شانڪلين جو جسماني وزن 190 ڪلوگرام کان وڌي ويو هو ۽ روز مره جي زندگي متاثر ٿي رهي هئي. وزن گهڻو وڌي وڃڻ جي نتيجي ۾ هو طبي مسئلن جيئن مدافعتي نظام ۾ خرابي، هاءِ بلڊ پريش ۽ شگر وغيره جو شڪار ٿي وئي هئي ۽ ڊاڪٽرن کيس خبردار ڪيو هو ته ٿولهه سندس زندگي لاءِ خطرو آهي. طبي ماهرن کيس سرجري ذريعي وزن گهٽائڻ جي صلاح ڏني پر عورت سرجري بدران قدرتي طريقي سان وزن گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽن سالن ۾ 117 ڪلوگرام وزن گهٽائي وروت پر پوءِ هڪ عجيب مسئلو پيش آيو. اصل ۾ جسماني زن گهٽائڻ کانپوءِ چمڙي لٽڪي رهي هئي ۽ هاڻي هو ان کي آپريشن ذريعي هٽائڻ جي منتظر آهي. هن واڌو کل جو وزن 9 ڪلوگرام کان وڌيڪ آهي جيڪا مختلف مسئلن جو سبب بڻجي رهي آهي. عورت موجب مونکي جسماني وزن ۾ گهٽتائي آڻن ۾ 3 سال لڳي ويا مان تازو پنهنجي پراڻي تصوير ڏسي حيران رهجي ويس ته ڇا هي واقعي مان آهيان. عورت مان خوش آهيان جو مان صحيح ڪم ڪيو ۽ هي ڪاميابي بنا سرجري جي حاصل ڪئي. هن چيو ته هو اڳ غذا کي پنهنجو ٻيو روح سمجهندي هئي پر اهو ئي سندس ٿولهه جو سبب بڻيو.

Bookmark the permalink.