تازا ترين
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ٿر ۾ ٻارن تان موت ٽارو نه ڪيو، مٺي ۾ وڌيڪ 4 معصوم ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ دوائون نه ملڻ سبب فوت

خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب مٺي ۽ اسلام ڪوٽ اسپتالن ۾ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا

فوتي ٻارن ۾ چندري ڪولهي، مقبول دل، مڪيش ڀيل ۽ ذڪاءُ الله جا تازا ڄاول بار شامل

مٺي (ن پ ا) ٿر ۾ گلن جهڙن ٻارڙن تان موت ٽارو نه ڪيو، مٺي ۾ وڌيڪ 4 معصوم ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ دوائون نه ملڻ سبب فوت ٿي ويا، ڪرونڊي لڳ معصوم ٻارڙي غذائي کوٽ سبب فوت ٿي وئي. مٺي ۽ اسلام ڪوٽ اسپتالن ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا. فوتي ٻارڙن ۾ هڪ مهيني جي چندري ڪولهي، جڏهن ته مقبول دل، مڪيش ڀيل ۽ ذڪاءُ الله بجير جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل آهن. هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 38 ۽ هلندڙ سال تعداد 294 ٿي ويو، مٺي سول اسپتال سميت مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ 90 کان وڌيڪ ٻارڙا علاج هيٺ آهن. ٻئي پاسي ڪرونڊي لڳ ڳوٺ قادر بخش چانگ ۾ ٻه ڄاول جاڙيون ڀينرن مان هڪ ٻارڙي ڏيڍ مهينن جي صغريٰ چانگ فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڪبريٰ چانگ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن جو علاج ڪرونڊي اسپتال ۾ جاري آهي.

Bookmark the permalink.