تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

ٿر ۾ معصوم ٻارن جي ڌڙا ڌڙ فوت ٿيڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا

سول اسپتال مٺي ۾ تازي ڄاول ٻارڙي سميت 5 معصومن دم ڏئي ڇڏيو

هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 5 ۽ هلندڙ سال 780 تائين وڃي پهتو

مٺي(رپورٽر) ٿر ۾ معصوم ٻارن تان موت ٽارو نه ڪيو، وڌيڪ 5 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا. سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 5 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا. جن ۾ 13 ڏينهن جي دانشا ڌيءُ رميش ميگهواڙ. 3 مهينن جي سنيتا ڌيءُ گروئو ميگهواڙ، 4 مهينن جو حفيظ پٽ ذولفقار علي چانڍيو، هڪ مهيني جو علي محمد پٽ عثمان ۽ همير مهراڻپوٽو جو تازو ڄاول ٻارڙو شامل آهن. جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 5 ۽ هلندڙ سال 780 ٿي ويو آھي. جڏهن ته رڳو مٺي سول اسپتال ۾ 50 کان به وڌيڪ ٻارڙا داخل آهن، جن جا وارث بهتر طبي امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.