تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ٿر ۾ معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، وڌيڪ 6 ٻار موت جي منهن ۾ هليا ويا

سول اسپتال مٺي ۾ 6 تازا ڄاول ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا

هلندڙ مهيني ٿر ۾ فوتي ٻارن جو انگ وڌي 25 ٿي ويو، 70 ٻار مٺي اسپتال ۾ داخل

مٺي ( رپورٽ: ممتاز نهڙيو ) ٿر ۾ معصوم ٻارن مٿان موت جو رقص جاري. اڄ وڌيڪ 6 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا. مٺي سول اسپتال اندر خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 6 تازو ڄاول ٻارڙا موت جي منهن ۾ هليا ويا. جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 25 ٿي ويو، اڄ ديوان ميگهواڙ. پيارو ڪپري، گلزار ڀيل، روشن ساند، گهنشام ميگهواڙ ۽ عارب جا تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا. جڏھن ته مٺي سول اسپتال ۾ 70 کان به وڌيڪ ٻارڙا داخل آھن.

Bookmark the permalink.