تازا ترين
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا:ماروئڙن ۾ پريشاني

ٿر ۾ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 39 ۽ هلندڙ سال 619 ٿي ويو

فوت ٿيل ٻارن ۾ 18 مهينن جو انعام پٽ جبار ۽ تازا ڄاول ٻه ٻارڙا شامل
مٺي سول اسپتال

مٺي (رپورٽر) مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا. هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 39 ۽ هلندڙ سال 619 ٿي ويو. فوت ٿيل ٻارن ۾ 18 مهينن جو انعام پٽ جبار ۽ تازا ڄاول ٻه ٻارڙا شامل آھن . ٿر اندر ٻارڙن جي موت وارن واقعن تي سنڌ سرڪار ڪوبه تحرڪ نه ورتو. اسپتالن ۾ علاج جون گهربل سهولتون نه هجڻ سبب ٻارن جي موت تي ضابطو اچڻ مشڪل بڻجي ويو.

Bookmark the permalink.