تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

ٿر ۾ آمريڪين ۽ پاڪستانين جو سهڪار ڏسڻ وٽان آهي:آمريڪي قونصل جنرل

مٺي/اسلام ڪوٽ (نمائندن وٽان) آمريڪي قونصل جنرل روبرٽ سلبرسٽن چيو آهي ته ٿر ۾ آمريڪي ۽ پاڪستاني ٻنهي قومن جي ماڻهن جو ڀرپور سهڪاري ڪم ڏسڻ وٽان آهي. آمريڪي قونصل جنرل روبرٽ سلبرسٽن مٺي پهچي ضلعي ڪائونسل چيئرمين غلام حيدر سميجو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پ پ ايم پي اي قاسم سراج سومرو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر به موجود هئا. هوڏانهن آمريڪي قونصل جنرل اسلام ڪوٽ رورل هيلٿ سينٽر ۾ آپريشن ٿيٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته هيلٿ سيڪٽر سميت مختلف سماجي شعبن جا سرگرم ڪارڪن ڪنهن به ملڪ جا محب وطن شهري هوندا آهن. هن چيو ته ٿر ۾ خاص ڪري اسلام ڪوٽ ۾ آمريڪي ۽ پاڪستاني ٻنهي قومن جي ماڻهن جو ڀرپور سهڪاري ڪم ڏسڻ وٽان آهي، اميد ٿو ڪريان ته ٿرپارڪر اڃا به گهڻو ترقي ڪندو ۽ ڪاميابيون ماڻيندو.



Bookmark the permalink.