تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

ٿر تان موت ٽارو نه ڪيو، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا

سول اسپتال مٺي ۾ سوائي ڀيل،گَنگُو ڀيل ۽ صبغت الله هنڱورجو جا تازا ڄاول ٻارڙا فوت

مٺي ۽ ٻين اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب مريض ۽ سندس وارث پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا

مٺي (ن پ ا) ٿر تان موت ٽارو نه ڪيو، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا، سول اسپتال مٺي ۾ سوائي ڀيل،گَنگُو ڀيل ۽ صبغت الله هنڱورجو جا تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 21۽ هلندڙ سال 400 ٿي ويو آهي، مٺي ۽ ٻين اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب مريض توڙي انهن جا وارث پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، متاثرن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار خوراڪ جي کوٽ ختم ناهي ڪئي، سهولتن جي کوٽ سبب پريشان آهيون، واهر ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.