تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ٿرڙي محبت ويجهو ٻٽ ٻڌل جوابدار پاران معصوم نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

راڌڻ(ن پ ا) ٿرڙي محبت ويجهو معصوم نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش. ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڪنڊيور مان موٽرسائيڪل سوار مبينا طور 8 سالن جي ٻارڙي آصفه جانوري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس رڙين تي جوابدار کيس ڇڏي ڀڄي ويو، وارثن موجب نينگري شئي وٺڻ بعد گهر وڃي رهي هئي ته ٻُٽ ٻڌل موٽرسائيڪل سوار کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ٻارڙي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪيون ته جوابدار کيس ڦٽو ڪري ڀڄي ويو. جنهن بعد پاڙيوارن پهچي ٻارڙي کي هٿ ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع مليو آهي، جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.



Bookmark the permalink.