تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

ٿرڊ ڪلاس پوليس آفيسر کي گند اُڇلڻ نه ڏينداسين: سعيد غني طرفان پنهنجي خلاف رپورٽ جي جاچ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني سندس خلاف رپورٽ جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر رضوان جو پوليس رڪارڊ گهرائي جاچ ڪئي وڃي، ڊي آءِ جي سلطان خواجه کي شڪايت ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر رضوان سندس خلاف ڪوڙي رپورٽ تيار ڪئي آهي. ڊاڪٽر رضوان ايڏو ٿرڊ ڪلاس ماڻهو آهي جو امتياز شيخ کي پهرين ميسيج ڪيا ته سندس وڏو ڀاءُ آهي، ٻئي ڏينهن تي سيڪريٽ رپورٽ جاري ڪري امتياز شيخ کي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
ايس ايس پي شڪارپور طرفان تيار ڪيل سيڪريٽ رپورٽ منظرعام تي اچڻ کانپوءِ صوبائي وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پنهجني خلاف جاري ٿيل رپورٽ کي ڪوڙي قرار ڏنو. سعيد غني چيو ته ڊاڪٽر رضوان ڪجهه سال اڳ جڏهن جمشيد ٽائون ۾ ايس ايس پي مقرر ٿيو، اُن کانپوءِ چنيسر ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ منشيات جي ڪاروبار سوڌو ٻيا ڏوهه وڌي ويا هئا. ڊاڪٽر رضوان خلاف شڪايت تڏهوڪي ڊي آءِ جي سلطان خواجه ۽ اي آءِ جي کي شڪايت ڪئي هئي، اُن کانپوءِ هُن سياسي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ڪارروائين جو طريقو تبديل ڪري ڇڏيو، 2 ڏوهارين سان گڏ 8 بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو هو.
صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڊاڪٽر رضوان هڪ نوجوان کي به قتل ڪيو، جنهن جي جاچ ڪرائڻ ۽ ڊي آءِ جي سلطان خواجه کي شڪايت ڪرڻ کانپوءِ هُن سندس خلاف رپورٽ اهڙي رپورٽ تيار ڪئي. سعيد غني مطالبو ڪيو آهي ته سندس خلاف ڊاڪٽر رضوان جي رپورٽ جي جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن مٿس لڳايل الزام سچا ثابت ٿيا ته سياست ڇڏڻ سان گڏ هر قسم جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهي، پر ان سان گڏ ڊاڪٽر رضوان هٿان نوجوان جي قتل جي جاچ ڪرائي وڃي، اُن سان گڏ جتي به سندس مقرري ٿي، اُتان پوليس جو رڪارڊ گهرائي جاچ ڪئي وڃي. باقي اهڙي قسم جي لُچي پوليس آفيسر کي گند اُڇلڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر رضوان سان گڏ هر اسٽيشن تي مقرريءَ دوران موجود ماڻهن جي به جاچ ڪرائي وڃي ته اُهي هر اسٽيشن تي ساڻس گڏ ڇو نه هوندا آهن.

Bookmark the permalink.