تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ٿرپارڪر ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروايون، 3 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مٺي ( رپورٽر ) ٿرپاڪر ۾ سي آءِ اي پوليس وڄوٽو ٿاڻي جي حد مان ڪنري کان مٺي ايندڙ ڪار مان سفينا گٽڪا جي هڪ سئو پيڪين جي 2 ٻورين سميت ڪنري واسي جوابدار يونس چانڍيو کي گرفتار ڪري سندس خلاف وڄوٽو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو آھي. ساڳي طرح پوليس اسلام ڪوٽ ويجهو هڪ لانگ جيپ مان سفينا گهٽڪا جي هڪ سئو پيڪيٽن جي 2 ٻورين سميت 2 جوابدارن محمد حسين نهڙيو ۽ شوڪت علي نهڙيو کي گرفتار ڪري اسلام ڪوٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو آھي. پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته گرفتار جوابدار عمرڪوٽ ضلعي مان ٿرپارڪر جي مختلف شھرن ۾ منشيات پهچائيندڙ ڊيلر آھن.

Bookmark the permalink.