تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

ٿرپارڪر به پنهنجي ايڪتا جي رنگن ۾ رڱجي ويو: ثقافتي ريليون ۽ ميڙاڪا: قومي گيتن تي جهمريون

مٺي، ننگرپارڪر، ڇاڇرو چيلهار ۽ ٻين علائقن ۾ پنهنجن سان ايڪتا جو قومي ڪاڄ ملهايو پيو وڃي

مٺي (نمائندن وٽان) ٿرپارڪر ضلعي ۾ پنهنجن سان ايڪتا جي سلسلي ۾ ثقافتي ريليون، هزارين ماڻهو ثقافتي رنگ ۾ رڱجي ويا،مٺي شھر جي گهٽي گهٽي پنهنجي ايڪتا ۽ سنڌي ثقافت جي انڊلٺي رنگن جو گلدستو بڻيل، سياسي سماجي تنظيمن، واپارين، شاگردن، ڍاٽ جي راجپوتن سميت مختلف برادرين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي شھر جو گشت جاري آھي،
راجپوت برادري پاران ثقافتي لباس ۽ راجستاني پٽڪا پاتل سوين ماڻھن جي راڻا هائوس کان نڪتل ريلي شھر جي مختلف علائقن مان ٿيندي ڪشمير چوڪ تي پهچي چڪي، قديمي ثقافتي راندين ذريعي شاندار رقص ڪيو ويو، مختلف اسڪولن مان نڪتل ريليون پڻ شھر جي مختلف چوڪن تان ٿيندي منزلن طرف روان دوان، ريلين جي جشن ۾ شامل نوجوانن پاران ڀرپور نعرا هنيا پيا وڃن، سنڌڙي ۾ به پنهنجي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، قومي عيد ڏھاڙي تي صبح ٿيندي سموري سنڌڙي ثقافتي لباس سان جرڪي اٿي، ثقافتي عيد جي ڏھاڙي تي سنڌڙي، ھڱورنو، ڦلھڏيون ۽ گرھوڙ شريف ۾ ننڍن، وڏن، ٻڍڙن، ٻارڙن ثقافتي لباس ٽوپي، اجرڪ، پٽڪا پھري وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائي رھيا آھن. ھنڱورنو جي سمورن اسڪولن ۾ تقريبون ھلندڙ آھن،شاگردن پاران سنڌي ثقافت تي ٽيبلوز پيش ڪري رھيا آھن ۽ قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو پيو وڃي.
ڇاڇرو
ڇاڇرو ۾ ايڪتا ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي، شهر ڀر ۾ ريليون نڪرڻ جو سلسلو جاري، شهر جي مک چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، شهر ۽ ٿر جي ٻهراڙي جي ڳوٺن کان آيل سوين ماڻهن جي شرڪت، ايڪتا جي حوالي سان ثقافتي لباس پائي ٻارڙن ۽ فنڪارن پاران رقص ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.